دري پلارا

دري پلارا: دري پلارا پٺاڻن جو هڪ قبيلو آهي. پٺاڻ آفريدين جي هڪ ذات آهي، جنهن کي پشتو ۾ ’پريدي‘ سڏبو آهي. هن ذات وارن جو قبيلو ملڪ دين خيل دري پلارا سڏيو ويندو آهي. هي قبيلو مختلف شاخن ۾ ورهايل آهي، جن مان گل خان خيل، عمر خيل ۽ ڪالا ڪرمانه شاخن وارا ڪراچي ۽ حيدرآباد سميت سڄيءَ سنڌ ۾ جھجھي تعداد ۾ آباد آهن. هي پٺاڻن جي قومي ٻولي پشتو ڳالهائيندا آهن ۽ مرد توڙي عورتون پٺاڻن جو ثقافتي لباس پائينديون آهن. مرد اڪثر ڪري سخت پورهيو ڪن، جڏهن ته عورتون گهريلو ڪم کان سواءِ روزگار لاءِ ٻاهر ڪو نه نڪرن. سنڌ ۾ رهندڙ هن قبيلي ۾ پڙهائيءَ جو رجحان تمام گھٽ آهي.


لفظ دري پلاراھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو